پيراڊائيز پوائنٽ

پيراڊائيز پوائنٽ: هي ماڳ ڪراچيءَ شهر کان تقريباً ٽيهه ميل پري، اتر اولهه ۾ سمنڊ جي ڪناري تي واقع آهي. هن جي ساڄيءَ ۽ کاٻي طرف واري پهاڙيءَ تي هڪ علائقو آهي. جنهن ۾ کيکڙن جا آثار ملن ٿا، جن ۾ پيڪٽن (Pectin) شامل آهي. جنهن کي عام طور تي برما شيل (Burmah shell) به چون ٿا. هن جاءِ تي پاڻيءَ جو دٻاءُ تمام تيز هوندو آهي ۽ ڪراچي شهر جي هڪ سٺي تفريح گاهه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو